بدين ۾ شادي ۾ ويندڙ ڄاڃين جي پڪ اپ مزڊا جو ڪمند سان ڀريل مزڊا سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ چار عورتون فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا

بدين ۾ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، شادي ۾ شرڪت لاءِ تلهار ويندڙ ڄاڃين جي پڪ اپ مزدا جو ڪمند سان ڀريل مزدا سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ چار عورتون فوت ۽ معصوم ٻارڙن سميت 17ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

بدين کان شادي  جي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ تلهار ويندڙ پرهياڙ برادري جي پڪ اپ جو ڪمند سان ڀريل مزاد سان ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ غلام حسين پرهياڙ واسي عورتون بختار، جنت ۽ رحيمان پرهياڙ سميت چار عورتوم فوت ٿي ويون، جڏهن ته نسرين، شڪيلا، شاهينه، قزبانو، نثار، عزيزان، وحيدان سميت 18 ڄڻا زخمي ٿيا.

پوليس پهچي فوتي عورت جا مڙهه ۽ زخمين کي دادو اسپتال منتقل ڪيو، جتان ٽن ٻارڙن جي حالت نازڪ هئڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

پوليس مزدا ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏي تحويل وٺي ڇڏي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*