اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پي سي او ججز اسان کي ڪهڙو اخلاق جو درس ڏيدا، ججن کي چور ڌاڙيل ۽ مافيا جهڙا لفظ نٿا سونهن

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پي سي او ججز اسان کي ڪهڙو اخلاق جو درس ڏيدا، ججن کي چور ڌاڙيل ۽ مافيا جهڙا لفظ نٿا سونهن، مان ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث نه آهيان، هاڻي اهي ماڻهو مون کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ چاهين ٿا، اسان سمجهوتو ڪرڻ وارن مان نه آهيون،

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته عمران خان ۽ چيف جسٽس جي زبان ۾ ڪو به فرق نه آهي، جج صاحب جيڪي به لفظ ڳالهائي رهيا آهن، اهي انهن کي نٿا سونهن.

هن چيو ته پي سي او ججز اسان کي ڪهڙو اخلاق جو درس ڏيندا، چور ڌاڙيل ۽ مافيا جهڙا لفظ انهن کي نٿا سونهن،

نواز ليگ صدر چيو ته جج صاحبن جا لفظ عهدي جي توهين آهن پر ميار اسان کي ڏني پئي وڃي ته توهين عدالت ڪري رهيا آهيون،

نوازشريف چيو ته جن پرويز مشرف کان حلف ورتو، اهي ئي اسان کي درس ڏئي رهيا آهن، مان ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث نه آهيان، هاڻي اهي ماڻهو مون کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ چاهين ٿا،

نوازشريف چيو ته مان اهڙن فيصلن کي نٿو مڃان، دل ۽ نيت صاف هجي ته الله به ساٿ ڏيندو آهي.

نوازشريف چيو ته اسان سمجهوتو ڪرڻ وارن مان نه آهيون، پنهنجي حلف سان غداري ڪندڙن کي قبول نه ڪرڻ گهرجي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*