سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ 6 هزار جونيئر استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

cm

سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ 6 هزار جونيئر استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تعليم کاتي بابت اجلاس ۾ مفت تعليم لاءِ ڪئمبرج جي معيار جا 10 اسڪول هلائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسڪولن جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر، سيڪريٽري ايجوڪيشن اقبال دراني، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير پاران سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 6 هزار جونيئر استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .

اجلاس ۾ مفت تعليم لاءِ ڪئمبرج جي معيار جا 10 اسڪول هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جن ۾ اپريل کان تدريسي عمل شروع ٿي ويندو.

هر اسڪول ۾ 69 ملازم ڀرتي ڪيا ويندا، جن مان 39 استاد ۽ 30 نان ٽيچنگ اسٽاف هوندو، اسڪولن ۾ درسي ڪتاب، مشقن جا ڪتاب ۽ ٻيو مواد مفت ۾ ڏنو ويندو.

نوان کلندڙ اسڪول ڪئمبرج جي معيار جا هوندا ۽ اتان جي شاگردن جي فيس سنڌ حڪومت ادا ڪندي.

اجلاس دوران سيد مراد علي شاهه هدايتون ڏيندي چيو ته مان چاهيان ٿو ته اهي اسڪول پرائيويٽ مئنيجمينٽ هلائي، اسڪول پرائيويٽ سيڪٽر کي ڏيڻ لاءِ اشتهار جاري ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*