ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ڪيس ۾ شاهد جو بيان قلمبند ڪيو ويو

dr asim

ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ڪيس ۾ شاهد جو بيان قلمبند ڪيو ويو، ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل شاهد جي پيش ڪيل دستاويزن تي اعتراض واري ڇڏيو، ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته نيب هڪ ٽارچر سيل قائم ڪيو آهي، شاهدن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا، ٻڌڻيءَ دوران شاهدَ حسين جو بيان قلمبند ڪيو ويو.

شاهد جي طرفان پيش ڪيل دستاويزن تي ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل اعتراض واري ڇڏيو.

عامر نقوي ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي چيو ته شاهد طرفان پيش ڪيل دستاويز فوٽو ڪاپي آهن.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سمورا دستاويز اصل آهن.

عدالت شاهد کي حڪم ڪيو ته ايندڙ ٻڌڻيءَ کان پهريان سمورا دستاويز عدالت جي سامهون پيش ڪيا وڃن.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته مون کي جيل موڪليو ويو، ان باوجود ڪائي ملڪيت ناهي ملي، پئسا ڪيڏانهن ويا اهو نيب ئي ٻڌائي سگهي ٿي.

هن چيو ته نيب هڪ ٽارچر سيل قائم ڪيو آهي، شاهدن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، قانون ۾ ان حوالي سان به ڪجهه ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته اسان وائيٽ ڪالر آهيون، نيب جو نالو ٻڌندي ئي اسان جون ٽنگون ٿڙڪنديون آهن، اسان جو مقابلو طاقتور ماڻهن سان ناهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*