سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ملير جو اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار پيش نه ٿيو

naqeb and rao anwar

سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ملير جو اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار پيش نه ٿيو، جنهن سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سميت سنڌ پوليس جا اعليٰ آفيسر عدالت جي ڪمري ۾ موجود آهن.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ کان پڇا ڪئي ته ڇا رائو انوار اڄ پيش ٿيو آهي، جنهن تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ٻڌايو ته رائو انوار پيش ناهي ٿيو،

جنهن تي چيف جسٽس اي ڊي خواجا کي چيو ته اوهان جي ذميواري هاڻ به ساڳي ئي آهي.

چيف جسٽس ريماڪس ڏيندي چيو ته رائو انوار کي پيش  ٿيڻ لاءِ شفاف موقعو ڏنو، حفاظتي ضمانت به ڏني، ٿورو انتظار ڪيون ٿا، پوءِ ڪيس کي ٻڌنداسين.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته رائو انوار پيش نه ٿي وڏو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي، هاڻ سندس گرفتاري لاءِ پوليس کي سمورو سهڪار فراهم ڪنداسين.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*