وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بهار جي آمد تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي

murad ali shah

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بهار جي آمد تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير عوام کي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وڏي وزير اڄ صبح وزيراعليٰ هائوس ۾ کجي جو ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي.

اڄ سڄي صوبي ۾ 5 لک ٻوٽا پوکيا ويندا، جڏهن ته مهم 4 مهينا جاري رهندي، جنهن ۾ 2 ڪروڙ ٻوٽا پوکيا ويندا.

مراد علي شاهه صوبي جي عوام کي ٻوٽا پوکي انهن جي حفاظت ڪرڻ جي به اپيل ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*