پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله جي پيءُ چيو آهي ته سندس پٽ بي گناهه هو

naqeb parents

پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله جي پيءُ چيو آهي ته سندس پٽ بي گناهه هو، رائو انوار سندس پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، اسان کي سپريم ڪورٽ کان انصاف گهرجي.

اسلام آباد جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله محسود قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نقيب الله جا وارث پيش ٿيا.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نقيب الله محسود جي پيءُ چيو ته سندس پٽ نقيب بي گناهه هو، رائو انوار سندس پٽ کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.

هن چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ کان انصاف گهرجي ۽ انشاءَ الله اسان کي عدالت کان انصاف ضرور ملندو.

واضح رهي ته 13 جنوري تي ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار نوجوان نقيب الله محسود سميت ٽن ڄڻن کي دهشتگرد قرار ڏئي مقابلي ۾ ماريو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*