پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لوڌران جي ننڍي چونڊ جو نتيجو نواز شريف جي بيانئي جي فتح آهي

rana sana ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لوڌران جي ننڍي چونڊ جو نتيجو نواز شريف جي بيانئي جي فتح آهي، نواز شريف ووٽ جو تقدس چاهي ٿو. چار سئو ماڻهن جي قتل ۾ گهربل  رائو انوار جي خط تي کيس مرضي جو رليف ڏنو ويو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته  ملڪي ترقي ن ليگ جي ايجنڊا آهي اسان جو مقصد ڪنهن جي عزت کي گهٽ ڪرڻ ناهي،

هن چيو ته عمران خان پنهنجي عمل ڪري چونڊ هارائي ويو، نواز شريف عوام جي ووٽ جو تقدس چاهي ٿو، لوڌران چونڊن ۾نوازشريف جو بيان ئي ڪاميابي جو سبب بڻيو آهي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته رائو انوار پاران لکيل خط تي کيس مرضي موجب رليف ڏنو پيو وڃي، مٿس 400 ماڻهن جي قتل جو الزام آهي،

راڻا ثناءُ الله چيو ته رائوانوار کي حفاظتي ضمانت به ڏني وئي ۽ اڄ انتظار ڪيو پيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*