پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته نواز شريف جاتي عمره جو شهنشاهه ۽ هو نارٿ ناظم آباد جو رهائشي آهي

dr asim

پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته نواز شريف جاتي عمره جو شهنشاهه ۽ هو نارٿ ناظم آباد جو رهائشي آهي، نجومي ناهي پر حالتن مان ظاهر ٿي پيو ته ميان بچي نه سگهندو.

ڪراچي ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته نيب هن سان جيڪو ڪيو اهو نواز شريف سان ناهي ٿيو، نيب کيس مارڻ جي ڪوشش ۽ گهر تي حملو به ڪيو.

هن چيو ته ميان صاحب جاتي عمره جو شهنشاهه ۽ هو نارٿ ناظم آباد جو رهائشي آهي.

ڊاڪٽر عاصم چيو ته هو نجومي ناهي پر حالتن مان کيس لڳي پيو ته ميان بچي نه سگهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*