تنگواڻي ۾ مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ شهرين ۽ سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

tangwanimap25-8

تنگواڻي ۾ مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ شهرين ۽ سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

شهري اتحاد جي سڏ تي شهرين ۽ مغوي جي وارثن ڪفايت الله کوسو ۽ رب ڏنو ملڪ جي اڳواڻي ۾23 هين ڏينهن به بس اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 62 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس مغوي عنايت گجراڻي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

 هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته مغوي نوجوان عنايت گجراڻي کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*