حيدر آباد ۾ ٻن عورتن جا ڳلا ڪٽڻ واري واقعي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي

hyderabad

حيدر آباد ۾ ٻن عورتن جا ڳلا ڪٽڻ واري واقعي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي.

گذريل ڏينهن لطيف آباد جي بسم الله سٽي ۾ جوابدارن پاران ڳلو ڪپي زخمي ڪيل 30 ورهين جي نازو علاج دوران سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.

اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ گهڙي ٻن عورتن جا ڳلا ڪپيا هئا، جنهن سبب 25 ورهين جي صبا ٿڏي تي فوت ۽ 30 ورهين جي نازو کي اسپتال داخل ڪيو ويو هو.

ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته ٻٽي قتل جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*