شڪارپور ۾ ٽرالر جو رڪشا سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

shikarpur road hadso

شڪارپور ۾ ٽرالر جو رڪشا سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جيل چورنگي وٽ ٽرالر جو سامهون ايندڙ رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مور جمالي فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ اعجاز کوسو، وينگس لاشاري، ولي محمد کوسو ۽ گل حسن لاشاري زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*