تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عائشه گلالئي، عمران خان کانپوءِ پنهنجي توپن جو رخ نواز ليگ ڏانهن ڪري ڇڏيو

Ayesha-Gulalai-26917

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عائشه گلالئي، عمران خان کانپوءِ پنهنجي توپن جو رخ نواز ليگ ڏانهن ڪري ڇڏيو، عائشه گلالئي چيو آهي ته ن ليگ مون کي فوج کي بدنام ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر مون ان کي رد ڪري ڇڏيو، نواز ليگ سينيٽ ٽڪيٽ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلا لئي چيو آهي ته نوازشريف وسيلن جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي،

هن چيو ته نواز ليگ مون کي خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، نواز ليگ مون کي فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ چيو پر مون انڪار ڪري ڇڏيو،

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ چيو ته مون کي نواز ليگ فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ سينيٽ جي ٽڪيٽ جي به آڇ ڪئي.

عائشه گلالئي چيو ته ن ليگ مون کي فوج خلاف ڳالهائڻ لاءِ ڀڙڪايو، پر مان سندن هڪ به نه مڃي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو منهنجي حب الوطني جي جذبي خلاف هو.

هن چيو ته فوج هڪ واحد ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*