روسي هيڪرز سکر پوليس جو جديد ڊرائيونگ لائسنس وارو آن لائين سسٽم جي ويب سائيٽ هيڪ ڪري ڇڏيو

driving license sukkur

روسي هيڪرز سکر پوليس جو جديد ڊرائيونگ لائسنس وارو آن لائين سسٽم جي ويب سائيٽ هيڪ ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ڊرائيونگ سسٽم هيڪ ٿيڻ سبب لائسنس ڊليوري وارو ڪم سخت متاثر ٿيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس جا آئي ٽي ماهر نظام کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

هنن چيو ته سکر ۾ ٺهندڙ پوليس جو ڊرائيونگ لائسنس پوري دنيا ۾ قبول ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ پوليس ڊرائيونگ لائسنس جا چار سينٽر آهن، ڪراچي، ڄامشورو، نوابشاهه ۽ سکر شامل آهن، سکر ۾ 3 ڏينهن اڳ ڊرائيونگ لائسنس آفيس جو افتتاح ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*