فيصل آباد ۾ بس جي رڪشا کي ٽڪر جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت، 5 زخمي

فيصل آباد ۾ بس جي رڪشا کي ٽڪر جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

فيصل آباد جي سمندري روڊ تي تيز رفتار بس رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تڪڙي طبي امداد لاءِ سمندري ۽ بعد ۾ فيصل آباد جي سول اسپتال نيو ويو.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

حادثي کانپوءِ بس ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته پوليس بس کي تحويل ۾ وٺي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*