قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر شيراڪبرخان پاران پي آءِ اي جي جهازن مان سامان چوري ٿيڻ جو معاملو اٿاريو ويو

national assembly

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر شيراڪبرخان پاران پي آءِ اي  جي جهازن مان سامان چوري ٿيڻ جو معاملو اٿاريو ويو، جنهن تي اسپيڪر اياز صادق رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته پي آءِ جي رپورٽ مون کي ملي وئي آهي، توهان سامان جي ڳالهه ڪيو ٿا، هتي ته پي آءِ اي جو جهاز به چوري ٿي ويو.

اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران پي آءِ اي جي ڪارڪردگي تي بحث ڪيو ويو.

جماعت اسلامي جي ميمبر شيراڪبرخان پاران پي آءِ اي  جي جهازن مان سامان چوري ٿيڻ جو معاملو اٿاريو ويو.

راجا جاويد اخلاق چيو ته پي آءِ اي جي ذريعي منشيات اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا آهن.

راجا ويد اخلاق چيو ته منشيات جي اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو  آهي.

پارلياماني سيڪريٽري چيو ته پي آءِ اي جي ڪارگو سروس کان مسافرن جي سامان چوري ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن. جنهن تي راجا جاويد اخلاص چيو ته سامان هينڊل ڪرڻ وارو عملو به ان جو ذميوار آهي.

جاويد اخلاق چيو ته سيڪيورٽي چيڪ پوائنٽس تي به سامان چوري ٿيندو آهي. مسافرن هميشه پنهنجي سامان تي نظر رکن.

پارلياماني سيڪريٽري مشورو ڏيندي چيو ته مسفار پنهنجي بيگز کي لاڪ ڪري ڇڏين.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هڪ سال دوران پي اءِ اي جي مسافرن جي سامان جي چوري جي واقعن جي رپورٽ ڏني وڃي.

اسپيڪر اياز صادق چيو ته پي آءِ جي رپورٽ مون کي ملي وئي آهي، توهان سامان جي ڳالهه ڪيو ٿا، هتي ته پي آءِ اي جو جهاز به چوري ٿي ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*