سنڌ جي آءِ جي جيل شاهه رخ جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي جيل کان اسپتال منتقلي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

supreme-court-karachi-31-7 (1)

سنڌ جي آءِ جي جيل شاهه رخ جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي جيل کان اسپتال منتقلي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

شاهه رخ جتوئي ۽ شرجيل ميمڻ جي اسپتال منتقلي بابت سپريم ڪورٽ جي نوٽيس ڪيس ۾ آءِ جي جيل رپورٽ جمع ڪرائي.

سنڌ جي آءِ جي جيل، سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته شاهه جتوئي کي علاج کانپوءِ جيل واپس منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل بورڊ پاران شرجيل ميمڻ کي اسپائنل ڪارڊ سرجري تجويز ڪرڻ سبب اڃا به جناح اسپتال ۾ رکيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ، شاهه رخ جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي جيل کان اسپتال منتقل ڪرڻ خلاف پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*