لاهور ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت قصور جي معصوم ٻارڙي زينب جي قتل ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائي رهي آهي

imran zainab murderer

لاهور ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت قصور جي معصوم ٻارڙي زينب جي قتل ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائي رهي آهي.

خاص عدالت جو جج سجاد احمد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندو.

زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران خلاف جيل ۾ روزانو 9 کان 11 ڪلاڪن تائين ٻڌڻي ٿي، ان دوران 56 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ 36 ماڻهن جون شاهديون پيش ڪيون ويون.

ٻڌڻي دوران ڊي اين اي ٽيسٽ، پوليگرافڪ ٽيسٽ ۽ 4 وڊيوز به ثبوت طور پيش ڪيا ويا.

 15 فيبروري تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو.  ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*