سپريم ڪورٽ، واٽر ڪميشن بابت ڪيس ۾ آصف حيدر شاهه کي ٻيهر پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ، واٽر ڪميشن بابت ڪيس ۾ آصف حيدر شاهه کي ٻيهر پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار، چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته اوهان کي پنهنجو ماڻهو ڏيون ٿا اڄ ئي کيس مقرر ڪيو.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ لارجر بينچ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ڪارروائي دوران رمارڪس ڏنا ته پاڻي ڪميشن درست طريقي سان ڪم ڪري پئي پر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي ڪارڪردگي بهتر ناهي.

ميان ثاقب نثار، چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته آصف حيدر جو نالو ٻڌو آهي هو سٺو آفيسر آهي، آصف حيدر ڪير آهي؟

چيف سڪريٽري جواب ڏنو ته آصف حيدر وڏي وزير جو ڀيڻيوو آهي ۽ سٺو آفيسر آهي.

چيف جسٽس موٽ ۾ چيو ته توهان کي پنهنجو ماڻهو ڏيون پيا، اڄ ئي کيس مقرر ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*