وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي

nawaz and shahid khaqan

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سينيٽ چونڊ، ملڪي سياسي صورتحال، ترقياتي رٿائن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن.

ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سي پيڪ سان خطي ۾ خوشحالي ايندي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته ترقياتي رٿائن جو  فائدو عوام تائين پهچي.

ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته عوام ئي پاڪستان جو اصل وارث آهي، فيصلو اهو ئي قبول ڪيو ويندو جيڪو عوام جو هوندو.

هن چيو ته مان لوڌران جي عوام جا ٿورا مڃڻ وڃي رهيو آهيان…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*