لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار کي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

Ishaq-Dar-21117

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار کي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت ن ليگ اميدوار نزهت صادق ۽ سعديه عباسي خلاف به تحريڪ انصاف جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار سينيٽ جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

اسحاق ڊار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته رٽرننگ آفيسر حقيقت جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، اليڪشن وڙهڻ لاءِ سموريون گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته دفاع جو موقعو ڏيڻ کانسواءِ سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، عدالت کي درخواست آهي ته رٽرننگ آفيسر جو نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو قدم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ سينيٽ جي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.

جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ٽربيونل رٽرننگ آفيسر اسحاق ڊار کي سينيٽ جي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ن ليگ اميدوار نزهت صادق ۽ سعديه عباسي خلاف به تحريڪ انصاف جون درخواستون رد ڪندي کين سينيٽ چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*