ٽنڊي محمد خان ويجهو 11 ورهين جي نينگريءَ کي مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس ٻن ڄڻن خلاف داخل ڪرڻ باوجود ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي

tando muhamad khan bariri ziyadti fir darj

ٽنڊي محمد خان ويجهو 11 ورهين جي نينگريءَ کي مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس ٻن ڄڻن خلاف داخل ڪرڻ باوجود ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

بلڙي شاهڪريم ڀرسان مگسي فارم تي 11ورهين نينگريءَ روزينه ڪپري سان مبينا طور زيادتي واري واقعي جو ڪيس بلڙي شاهه ڪريم ٿاڻي تي ٻارڙيءَ جي امڙ خديجا ڪپري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ زميندار ابراهيم مگسي ۽ شير مگسي کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بلڙي شاهڪريم پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڪا به گرفتاري نه ڪري سگهي آهي.

جڏهن ته متاثر ٻارڙيءَ روزينا ڪپري کي ٽنڊو محمد خان اسپتال کان حيدآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار ابراهيم مگسي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته الزام هڻندڙ سندس هاري آهن ۽ سياسي مخالفن جي چوڻ تي مٿس ڪوڙو الزام هڻي رهيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*