چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جي جناح اسپتال جي دوري دوران مريضن جي وارثن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

cj saqib nisar visit jinah hospital

چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جي جناح اسپتال جي دوري دوران مريضن جي وارثن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، جنهن تي چيف جسٽس اسپتال عملي کي ڇنڊ پٽي ۽ ايم ايس کي سهولتن جي اڻهوند بابت لکت ۾ جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس اسپتالن ۾ سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري کان جناح اسپتال پهتو، جنهن سبب عملدارن ۽ اسپتال جي انتظاميا ۾ ڦڙ فوٽ پئجي وئي.

ميان ثاقب نثار کي ايمرجنسي وارڊ سميت مختلف وارڊن جو دورو ڪرايو ويو، جنهن دوران مريضن جي وارث شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

مريضن جي وارثن شڪايت ڪئي ته اسپتال انتظاميا سفارش تي علاج ڪري غريب عوام کي رلائي پئي، جنهن تي چيف جسٽس، اسپتال عملي کي ڇنڊ پٽيندي ايم ايس سيمي جمالي کان سهولتن جي اڻهوند بابت لکت ۾ جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*