وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف جي ڪٽنب جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ وارو فيصلو ميرٽ تي ڪيو ويندو

Ahsan-Iqbal-111217

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف جي ڪٽنب جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ وارو فيصلو ميرٽ تي ڪيو ويندو، سعودي عرب ۾ پاڪ فوج جنگ لاءِ نه پئي موڪلي وڃي، 2013ع ۾ دنيا اسان جي ملڪ کي خطرناڪ قرار ڏنو، اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيوسين.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ۾ ايتري بجلي نه هئي جو يو پي ايس چارج ٿي سگهي.

هن چيو ته اسان جي حڪومت بجليءَ جا ڪيترائي منصوبا جوڙيا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اچي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته 2013۾ دنيا اسان جي ملڪ کي خطرناڪ قرار ڏنو هو، ن ليگ جي حڪومت خطرناڪ ملڪ کي امن وارو ملڪ بڻائي ڇڏيو .

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ميرٽ جي بنياد تي ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*