سنڌي زبان جو حساس ۽ خوبصورت شاعر سوز هالائي 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي

shoz halai

سنڌي زبان جو حساس ۽ خوبصورت شاعر سوز هالائي 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هن ساز ۽ آواز جي حوالي سان مجموعي طور 5 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن ۾ ڪارو وس قيام، رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارائون ۽ قوي جي ڪٿا شامل آهن.

سوز هالائي حيدر آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾  85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

سوز هالائي ڊگهي عرصي کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هو، 4 ڏينهن وينٽي ليٽر تي رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.

سوز هالائي نه رڳو شاعر پر سنڌي سنگيت جو وڏو پارکو ۽ ڄاڻو به هو.

هن ساز ۽ آواز جي حوالي سان مجموعي طور 5 ڪتاب لکيا، جن ۾ سنگيت بابت ڪارو وس قيام، شاعري ۾ رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارائون ڌار ۽ قوي جي ڪٿا شامل آهن.

سوز هالائي جي تدفين پراڻي هالا ۾ قائم سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*