اداڪارا ۽ ماڊل ثناءَ چيو آهي ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي لاءِ حڪومت قدم کڻي، فلمي صنعت لاءِ خصوصي پئڪيج هجڻ گهرجي

sana

 اداڪارا ۽ ماڊل ثناءَ چيو آهي ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي لاءِ حڪومت قدم کڻي، فلمي صنعت لاءِ خصوصي پئڪيج هجڻ گهرجي.

 ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته هن جڏهن شوبز ۾ پير پاتو هو تڏهن پاڪستاني فلمز جو ڪاروبار عروج تي هو، پر ان مهل جديد ٽيڪنالوجي ۽ حڪومت جو سهڪار ڪو نه هو.

 هن چيو ته هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي فلمي صنعت پنهنجي پيرن تي بيهڻ وڃي رهي آهي.

 ٽي وي سان واڳيل فنانسرز ۽ پروڊيوسرز فلمون ٺاهي رهيا آهن، جنهن سان سئنيما گهرن جون ويرانيون  گهٽ ٿيون آهن، پر هي بهتري ايستائين اثر انداز نه ٿيندي، جيستائين حڪومتي سطح تي ڪو پئڪيج نه ملي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ فلمي صنعت کي حڪومت جو سهڪار حاصل هوندو آهي، اسان جي حڪومت کي فلمي صنعت لاءِ خاص پئڪيج جاري ڪرڻ گهرجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*