بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي مڱڻي بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي، هن چيو ته سندس آڱر ۾ پاتل هي منڊي مڱڻي جي ناهي
بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي مڱڻي بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي، هن چيو ته سندس آڱر ۾ پاتل هي منڊي مڱڻي جي ناهي.
ميڊيا ۾ ڪيترن ڏينهن کان اداڪارا سونم ڪپور جي شادي لاءِ افواهه گردش ڪري رهيا آهن، چيو پيو وڃي ته اداڪارا هن سال پنهنجي دوست آنند آهوجا سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي.
گذريل ڏينهن ان مهل صورتحال دلچسپ ٿي وئي جڏهن صحافين اداڪارا کان منڊي بابت معلوم ڪيو.
ميڊيا رپورٽس موجب اداڪارا هڪ تقريب ۾ منڊي پائي شريڪ هئي ته صحافين کانئس منڊي بابت سوال ڪيو، جنهن تي سونم ڪپور هميشه وانگر اهو ورجايو ته هو پنهنجي نجي زندگي بابت ڪا ڳالهه ڪرڻ پسند نه ٿي ڪري.
ان موقعي تي اداڪارا وڌيڪ چيو، جيستائين منڊي جي ڳالهه آهي ته هي منڊي مڱڻي جي ناهي………….