سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته نواز شريف جي پارٽي صدارت لاءِ آئين سان تڪراري قانون ٺاهيو ويو

nasir shah

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته نواز شريف جي پارٽي صدارت لاءِ آئين سان تڪراري قانون ٺاهيو ويو، چيف جسٽس درست فيصلا ۽ سٺا قدم کڻي پيو، ميان صاحب کي هاڻ ٻڌائڻ گهرجي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته  نون ليگ جو ٻٽو معيار آهي، ان کي ڇڏي ڪري ميان صاحب کي عدالت جي فيصلن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته عدالت  جي نوٽيس وٺڻ سان بهتري به آئي آهي، چيف جسٽس درست فيصلا ۽ سٺا قدم کڻي رهيو آهي.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته نواز شريف جي پارٽي صدارت لاءِ آئين سان تڪراري قانون ٺاهيو ويو، هاڻ ميان صاحب کي ٻڌائڻ گهرجي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو.

ناصر شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هاڻ منتشر قومي موومينٽ آهي.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته مخدوم صاحب جي پير پاڳاري سان ڪا به ملاقات ناهي ٿي، آغا تيمور، پ پ  جو ناراض ورڪر آهي ڪيڏانهن به نه ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*