احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد جو بيان قلمبند ڪيو ويو

ishaq dar

احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد جو بيان قلمبند ڪيو ويو، نيب پاران ضمني ريفرنس داخل نه ڪرائڻ سبب ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

احتساب عدالت ۾ ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نيب ضمني ريفرنس داخل نه ڪرايا،

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب ريفرنس تيار آهن، جنهن جي لاڳاپيل اختيارين منظوري به ڏني هئي.

نيب پراسڪيوٽر چيو ته نوازشريف جي ڪيس جي ٻڌڻي سبب ضمني ريفرنسز جمع ناهين ڪرايا.جنهن سبب سومر تي داخل ڪرايا ويندا.

ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد انعام الحق جو بيان به قلمبند ڪيو ويو،

ني بجي شاهد انعام الحق چيو ته سوسائي جي صدر جو خط ۽ اسحاق ڊار جي ڪٽنب جي ميمبرشپ فارم به جمع ڪرايو آهي.

شاهد چيو ته جاچ آفيسر جي موجود ۾ بيان به رڪارڊ ڪرايو آهي.

نيب جي شاهد چيو ته ميمبرشپ فارم، اسحاق ڊار، تبسم ڊار ۽ علي اسحاق ڊار جمع ڪرايو هو.

نيب جي شاهد انعام الحق چيو ته اسحاق ڊار کان 23 لک پنجاهه هزار رپيا 2004 کان 2009ع تائين ٻه ڪينال پلاٽ لاءِ ميمبرشپ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويا. جڏهن ته تبسم ڊار ۽ علي اسحاق ڊار کان ايتري رقم اڳ وصول ڪئي وئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*