تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مان قانون جي حڪمراني ۽ احتساب تي يقين رکان ٿو

imran khan

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مان قانون جي حڪمراني ۽ احتساب تي يقين رکان ٿو، احد چيما جي گرفتاري تي بيوروڪريسي جو احتجاج شرمناڪ آهي، شهبازشريف جي سربراهي۾ڪرپٽ ٽولوپاڻ کي قانون کان مٿڀرو سمجهي ٿو، جيڪڏهن هن ٽولي جا هٿ صاف آهن ته احتساب کان ڇو ٿو گهٻرائي.

شهباز شريف جي فرنٽ مين احد چيما جي گرفتاري تي بيوروڪريسي جو احتجاج جاري آهي، جنهن تي عمران خان جو به سخت رد عمل سامهون آيو آهي.

عمران خان چيو ته مان قانون جي حڪمراني ۽ احتساب تي يقين رکان ٿو، احد چيما جي گرفتاري تي بيوروڪريسي جو احتجاج شرمناڪ آهي،

هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف جي سربراهي ۾ ڪرپٽ ٽولو پاڻ کي قانون کان مٿڀرو سمجهي ٿو،

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن هن ٽولي جا هٿ صاف آهن ته احتساب کان ڇو ٿو گهٻرائي.

عمران خان چيو ته سياسي اڳواڻ جي حيثيت سان سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿيس، بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ 50 کان وڌيڪ دستاويز پيش ڪيا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*