وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه هئڻ گهرجي، پاڪستان خلاف دشمن قوتون متحد ٿي چڪيون آهن

ahsan iqbal

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه هئڻ گهرجي، پاڪستان خلاف دشمن قوتون متحد ٿي چڪيون آهن، جيڪي چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ امن نه هجي، عدليا جا فيصلا عوام جي دلين مان نواز شريف کي نٿا ڪڍي سگهن،

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه هئڻ گهرجي،

هن چيو ته پاڪستان خلاف دشمن قوتون متحد ٿي چڪيون آهن، جيڪي چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ امن نه هجي،

احسن اقبال چيو ته عدليا جا فيصلا عوام جي دلين مان نواز شريف کي نٿا ڪڍي سگهن، نيب صحيح طريقي سان ڪم نه ڪري رهي آهي،

وفاقي گهرو وزير چيو ته پهريان نيب عوام کي بامشرف ڪندي هئي، هاڻ بي نوازڪري پئي،

احسن اقبال چيو ته نواز شريف هاڻي به مسلم ليگ ن جو سربراهه آهي، جڏهن ته ن ليگ جي سي اي سي ۾ نئين پارٽي صدر جو اعلان ٿيندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*