ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ تالا گروپ جي جوابدارن مزاحمت تي سڪيورٽي گارڊ کي مٿي ۾ گولي هڻي ڇڏي

khi tala tor group

ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ تالا گروپ جي جوابدارن مزاحمت تي سڪيورٽي گارڊ کي مٿي ۾ گولي هڻي ڇڏي، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج ڪي ٽي اين نيوز حاصل ڪري ورتا آهن، واپارين جي احتجاج کانپوءِ پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز پاران هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ تالا گروپ جي جوابدارن پاران مزاحمت تي چوڪيدار کي مٿي  ۾ گولي هڻندي ڏسي سگهجي ٿو.

جوابدارن مارڪيٽ ۾ پٺ واري رستي کان داخل ٿي گارڊ کي سوگهو ڪيو ۽ مزاحمت تي کيس مٿي ۾ گولي هنئي.

پوليس پاران معاملو دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن خلاف واپارين احتجاج ڪيو جنهن کانپوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

تالا ٽوڙ گروپ هٿان زخمي ٿيل گارڊ سول اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*