ڀارت طرفان ايل اوسي تي سرحدي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي

LOC-INDIA-PAK-19117

ڀارت طرفان ايل اوسي تي سرحدي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۾ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، ايل او سي تي ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾  19 ورهين جو نوجوان انضمام امين شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، شهيد نوجوان تتري نوٽ ۾ ڪرش پلانٽ تي ڪم ڪري  رهيو هو ته ڀارتي فوج فائرنگ ڪئي.

ان موقعي تي پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دشمن جون بندوقون خاموش ڪرائي ڇڏيون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*