مسلم ليگ نون سنڌ جي جنرل سيڪريٽري شاهه محمد شاهه چيو آهي ته گذريل 70 سالن کان ملڪ ۾ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي

shah mehmood shah

مسلم ليگ نون سنڌ جي جنرل سيڪريٽري شاهه محمد شاهه چيو آهي ته گذريل 70 سالن کان ملڪ ۾ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي،نواز شريف سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪو نئون ناهي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمد شاهه چيو ته جن ماڻهن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڪپڙا ٽنگيا ڇا اها توهين عدالت ناهي.

هن چيو ته جڏهن اسلام آباد ۾ پي ٽي وي سينٽر ۽ پارليامينٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان وقت عدالت سوموٽو نوٽيس ڇو نه ورتو.

شاهه محمد شاهه چيو ته پرويز مشرف 2 ڀيرا آئين ٽوڙيو ان کي گهرايو ڇو نٿو وڃي، پ پ کي ق ليگ وارو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته نواز شريف کي ملڪ ۾ ترقي ڪرڻ ۽ حالات بهتر ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.

شاهه محمد شاهه چيو ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي،آئين جي تشريع ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*