ڪراچي ۾ 4 ڏينهن جاري رهندڙ ڪراچي سڀ جو-ايشيا پيس فلم فيسٽول جي شروعات ٿي وئي آهي

cm

ڪراچي ۾ 4 ڏينهن جاري رهندڙ ڪراچي سڀ جو-ايشيا پيس فلم فيسٽول جي شروعات ٿي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڪسپو سينٽر ۾ فيسٽول جو افتتاح ڪيو.

ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ڪراچي سڀ جو- ايشيا پيس فلم فيسٽول جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪري تقريب جي شروعات ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ فلمي شعبو صوبائي سبجيڪٽ بڻجي ويو آهي، سندس ڪوشش هوندي ته فلمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سڀ جو هڪ زبردست ۽ دل کي وڻندڙ عنوان آهي، ڪراچي ۾ هڪ ٻيو به فلم فيسٽول مارچ ۾ ڪرايو ويو.

ڪراچي سڀ جو-ايشيا پيس فلم فيسٽول ايڪسپو سينٽر ۾ 23 کان 26 فيبروري تائين جاري رهندو، جنهن ۾ ملڪي توڙي پرڏيهي فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*