اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جمهوريت ۾ اختلافن جي گنجائش هوندي آهي

Asfand-Yar-Wali-Khan-ANP-7217

اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جمهوريت ۾ اختلافن جي گنجائش هوندي آهي، ادارن سان ٽڪراءُ ڪنهن صورت ۾ جمهوريت لاءِ بهتر ناهي، هر ڪنهن کي گهرجي ته آئين ۽ قانون موجب اختيار استعمال ڪري، اسان نه عمران خان سان گڏ آهيو، نه نه نواز شريف ، اسان رڳو پارليامينٽ سان گڏ آهيون.

چارسده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسفند يار ولي چيو ته جمهوريت ۾ اختلافن جي گنجائش هوندي آهي،

هن چيو ته ادارن سان ٽڪراءَ جو ماحول بڻجي ويوآهي،  جيڪو ڪنهن صورت ۾ جمهوريت لاءِ بهتر ناهي،

اي اين پي سربراهه چيو ته هر ڪنهن کي گهرجي ته آئين ۽ قانون موجب اختيار استعمال ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ٽڪراءُ ادارن لاءِ به بهتر ناهي.

هن چيو ته سينيٽ جي هجي ياٻي ڪا چونڊ هجي، اسان جو رڳو هڪ ئي مطالبو آهي ، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.

اسفند يار ولي چيو ته ته اسان هميشه چيو آهي ته سياست کي عدالتن ۾ نه کڻي  وڃڻ گهرجي،  عمران خان هجي يا نواز شريف، اسان رڳو پارليامينٽ سان گڏ آهيون………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*