باڪس آفيس پنڊت چلي ٻولي جي فلم“اي فنٽاسٽڪ وومين” کي آسڪر ايوارڊ لاءِ فيوريٽ قرار ڏئي رهيا آهن

chilli flim

باڪس آفيس پنڊت چلي ٻولي جي فلم“اي فنٽاسٽڪ وومين” کي آسڪر ايوارڊ لاءِ فيوريٽ قرار ڏئي رهيا آهن، پيار  ڪهاڻي تي ٻڌل فلم کي فارين لينگيوئيج ڪيٽيگري لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.

 چلي جي فلم “ اي فنٽاسٽڪ وومين” گذريل سال 12 فيبروري تي رليز ٿي هئي، رپورٽس موجب فلم کي مختلف ملڪن  جي سئنيما گهرن اندر زبردست موٽ ملي هئي ۽ فلم باڪس آفس تي بهتر بزنس ڪيو هو.

فلم سان واڳيل اداڪارن توڙي هدايت ڪار لاءِ اهو خوشگوار لمحو هو جڏهن فلم کي آسڪر ايوارڊ لاءِ نامز ڪيو ويو.

 ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هدايت ڪار سيبسٽين ليليئو چيو ته آسڪر ايواڊ لاءِ فلم جو نامزد ٿيڻ شاندار موقعو هو.

 هن اميد جو اظهار ڪيو ته سندس فلم آسڪر ايوارڊ ماڻي وٺندي، جڏهن ته فلمي صنعت جا پنڊت پڻ “اي فنٽاسٽڪ وومين” کي آسڪر لاءِ فيوريٽ قرار ڏئي رهيا آهن.

 واضح  رهي ته آسڪر ايوارڊ تقريب هلندڙ سال 4 مارچ تي منعقد ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*