بالي ووڊ سپر اسٽار سري ديوي اوچتو دل بيهڻ سبب 55 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي

sridevi

بالي ووڊ سپر اسٽار سري ديوي اوچتو دل بيهڻ سبب 55 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي، سري ديوي پنهنجي مڙس بوني ڪپور  ۽ ڌيءَ سميت شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ دبئي ويل هئي، جتي کيس دل جو دورو پيو، سري ديوي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر حياتيءَ سندس ساٿ نه ڏنو.

  سري ديوي جي وڇوڙي جي خبر ڀارت سميت مختلف ملڪن ۾ جنهگ جي باهه جيان ڦهلجي وئي ۽ هر طرف ماحول سوڳوار ٿي ويو.

 سري ديوي 13 آگسٽ 1963ع تي  ڀارتي رياست مدراس جي شهر سواڪاسي ۾ جنم ورتو.

هن 4 سالن جي ڄمار ۾ چائلڊ اسٽار طور فلم نگر ۾ قدم رکيو، جڏهن ته باقاعده طور 1978ع ڌاري فلم “سولهوان ساون” ذريعي فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو.

   سري ديوي هندي کان سواءِ تامل، تيلگو، ملايم ۽ ٻين ٻولين جي فلمز ۾ پڻ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

  سري ديوي بالي ووڊ جي 300 فلمز ۾ جلوه گر ٿي.

 هن “خدا گواهه، هير رانجها مسٽر انڊيا، جدائي صدمه ۽ نگينه  سميت ڪيترين ئي فلمز ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا.

ليجنڊ اداڪارا کي فني دنيا ۾ خدمتن جي اعتراف طور مختلف ايوارڊز سان نوازيو ويو، کيس 2013ع ۾ڀارت حڪومت پاران پدماشري ايوارڊ مليو، جڏهن ته 5 فلم فيئر ايوارڊز به سندس نالي رهيا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*