چڪوال ويجهو وفاقي وزير سردار يوسف ٽن ساٿين سميت روڊ حادثي ۾ زخمي

 چڪوال ويجهو وفاقي وزير سردار يوسف ٽن ساٿين سميت روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آهي.

چڪوال ويجهو موٽر وي انٽر چينج تي حادثو ٿيو آهي، جنهن ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار يوسف زخمي ٿي پيو آهي.

چيو پيو وڃي ته حادثي ۾ سندس ٽي ساٿي به زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*