بالي ووڊ اسٽار سري ديوي جي فارنزڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي

sridevi

بالي ووڊ اسٽار سري ديوي جي فارنزڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب سندس موت دل جو دورو پوڻ جو نتيجو هو، رپورٽ موجب دبئي جي فرانزڪ ماهرين کي سندس موت جي حوالي سان ڪا شڪي  شيءِ نه ملي آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب فارنزڪ رپورٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ سري ديوي جي ميت ڀارت پهچائڻ لاءِ گهربل انتظام ڪيا پيا وڃن.

 مليل ڄاڻ تحت سندس ميت کي اڄ شام تائين ممبئي منتقل ڪيو ويندو، جتي  آخري رسمون ادا ڪيون وينديون.

 سري ديوي 25 ۽ 26 فيبروري واري رات دبئي ۾ هوٽل جي واش روم اندر اوچتو بيهوش ٿي وئي هئي، جنهن تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر حياتيءَ سندس ساٿ نه ڏنو.

 اداڪارا پنهنجي ڀائيٽي جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ڪٽنب سميت دبئي جي هڪ هوٽل ۾ ترسيل هئي.

ذريعن موجب، آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ بالي ووڊ اسٽارز جو وڏو انگ سندس گهر پهچڻ شروع ٿي ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*