ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايئرپورٽ حملي جي ٽن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايئرپورٽ حملي جي ٽن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت واقعي جي شاهدن کي 13 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ٽن جوابدارن سرمد صديقي،آصف ظهير ۽ نديم برگر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

عدالت جوابدارن تي فرد لاڳو ڪري واقعي جي شاهدن کي 13 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.

ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي جي نتيجي ۾ پي آءِ اي ۽ ٻين کاتن جي ملازمن سميت 13 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾حملو ڪندڙ 10 دهشتگرد به مارجي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*