تحريڪ انصاف کي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ گهرجي، خورشيد شاهه جون سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه عمران خان کي سياسي عمل کان ٻاهر نه وڃڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ گهرجي.
سکر سول اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ سندس 6 سينيٽر چونڊجي ويا.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي سياسي عمل کان ٻاهر نه وڃڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ هو بهتر فيصلا ڪري سگهي ٿو.
هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ گهرجي.
خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سکر سول اسپتال جي بهتري لاءِ هو گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهن، صحت جي سهولتن لاءِ شهر اندر مختلف منصوبا هلندڙ آهن.