بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪاره سري ديوي جون آخري رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون، آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ساٿي اداڪار ممبئي اسپورٽس ڪلب پهچي ويا آهن

sridevi

بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪاره سري ديوي جون آخري رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون، آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ساٿي اداڪار ممبئي اسپورٽس ڪلب پهچي ويا آهن.

دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويل سري ديوي جو مڙهه سندس گهر کان ممبئي اسپورٽس ڪلب منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس آخري رسمون ادا ڪيون وينديون.

 ليجنڊري اداڪاره جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ بالي ووڊ اسٽارز ممبئي اسپورٽس ڪلب پهچي ويا آهن.

 ميڊيا رپورٽس موجب اداڪاره ريکا، ماڌوري، ايشوريا راءِ، سشميتاسين ۽ ٻيا اُتي موجود آهن، جڏهن ته ادڪار اجي ديوگن، شاهد ڪپور ۽ هدايت ڪار سنجي ليلا ڀنسالي به سندس آخري رسمن ۾ شريڪ هوندا.

 بالي ووڊ اسٽارز کان سواءِ سري ديوي جي ويجهي دوستن ۽ پرستارن جو وڏو انگ به اسپورٽس ڪلب ۾ اداڪاره کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*