ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ضمني ريفرنس جون ڪاپيون جوابدارن کي نه ملڻ سبب ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

Ishaq-Dar-21117

ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ضمني ريفرنس جون ڪاپيون جوابدارن کي نه ملڻ سبب ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري نيب ريفرنس  جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ضمني ريفرنس ۾ نامزد جوابدار سعيد احمد عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن به جوابدار منصور رضا رضوي ۽ نعيم محمود عدالت نه پهچي سگهيا،

ٻنهي جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وئي،

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن کي 10 وڳي تائين ضمني ريفرنس جون ڪاپيون ڏنيون وڃن.

ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي پر جوابدار پيش نه ٿيا ۽ نه ئي جوابدار کي ضمني ريفرنس جون ڪاپيون ملي سگهيون.

جنهن تي عدالت ٽنهي جوابدارن جي عبوري ۽ ضمني ريفرنس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*