تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي ناڻو لٽڻ وارن جو احتساب ضروري آهي

ImranKhan-PTI

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي ناڻو لٽڻ وارن جو احتساب ضروري آهي، اسان پرڏيهي وزير خلاف رد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت آندا آهن، اسان مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،  اميد آهي نيب جلد وزير خارجه خلاف احتساب جو آغاز ڪندي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان  پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار بني گالا ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران عمران خان نيب طرفان پي ٽي آءِ جي درخواست تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

عمران خان چيو ته پرڏيهي وزير خلاف ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت رڪارڊ تي آندا آهن، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ثبوتن جي باوجود نيب جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان نيب کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا ثبوت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

هن چيو ته عثمان ڊار پرڏيهي وزير ۽ سندس گهر واري جي بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جا ثبوت فراهم ڪري سگهي ٿو. اميد آهي ته نيب تمام جلد پرڏيهي وزير خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪندو.

عمران خان چيو ته ملڪي ناڻو لٽڻ وارن جو احتساب ضروري آهي، قوم عدليا بعد احتساب اداري ڏانهن نهاري رهي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*