ڪراچي جي مصروف شارع فيصل تي فائرنگ ڪري سوشل ميڊيا تي ويڊيو اپلوڊ ڪندڙ شخص کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي

adnan pasha

ڪراچي جي مصروف شارع فيصل تي فائرنگ ڪري سوشل ميڊيا تي ويڊيو اپلوڊ ڪندڙ شخص کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار تي فائرنگ ڪري سر عام ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي.

پوليس جوابدار عدنان پاشا کي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جوابدار خلاف شارع فيصل ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

 واضح رهي ته جوابدار پاران ڄاڻايل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت حاصل ڪيل آهي، پوليس کيس هڪ ٻئي ڪيس ۾حراست هيٺ رکيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*