پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي مالي سهڪار روڪڻ ۾ سهڪار نه ڪندڙ ملڪن جي فهرست گري لسٽ ۾ اچي ويو آهي

Dr-Faisal-111217

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي مالي سهڪار روڪڻ ۾ سهڪار نه ڪندڙ ملڪن جي فهرست گري لسٽ ۾ اچي ويو آهي پر بليڪ لسٽ ۾ اچڻ جو ڪو به خدشونه آهي،  ايف اي ٽي ايف جا سمورا معاملا ناڻي واري وزارت وٽ آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج معصوم ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهي آهي.

هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي مالي سهڪارروڪڻ ۾ سهڪار نه ڪندڙ ملڪن جي فهرست گري لسٽ ۾ اچي ويو اهي پر بليڪ لسٽ ۾ اچڻ جو ڪو به خدشو نه آهي.

فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي حوالي سان ڳالهائڻ کي لنوائيندي ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ايف اي ٽي ايف جي معاملي ته هو ڪا به ڳالهه نٿو ڪري سگهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، اي ٽي ايف سمورا معاملا ناڻي واري وزارت وٽ آهن. اسان گري لسٽ ۾ اچي ويا آهيون.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج معصوم ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهي آهي، ڀارتي اڳرائي تي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري احتجاج ڪيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، پاڪستاني فنڪارن تي پابندي ڀارتي بيمار ذهنيت جي عڪاسي آهي، اها ڀارتي ڊيموڪريسي نه پر شيمو ڪريسي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*