سپريم ڪورٽ ميان نواز شريف جي خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

nawaz shareef

سپريم ڪورٽ ميان نواز شريف جي خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي درخواست مڪاني ادارن جي اليڪشن جي حوالي سان هئي،  مڪاني ادارن جون چونڊون ٿي چڪيون آهن، انهي جي ڪري درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي،

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف توهين عدالت ڪيس جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته مڪاني ادارن جي نمائندن کي اختيار ڏيڻ وارن حڪمن تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي درخواست مڪاني ادارن جي حوالي سان آهي، مڪاني چونڊون ٿي چڪيون آهن، هاڻ اوهان جي درخواست غير موثر آهي.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف توهين عدالت ڪيس جي درخواست خارج ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*