تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته شهبازشريف کي نااهلي کان دنيا جي ڪا به طاقت بچائي نه ٿي سگهي ٿي

babar awan

تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته شهبازشريف کي نااهلي کان دنيا جي ڪا به طاقت بچائي نه ٿي سگهي ٿي، پهريا نواز ليگ نااهل هئي ۽ هاڻ ش سان شرمناڪ به ٿي ويندي.عدليا ۽ انهن جي فيصلن سان گڏ آهيون،

ملتان هائيڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته مسلم ليگ ن نوازشريف کي تاحيات قائد بڻائي ڇڏيو، هڪ ڀيرو انهن کي اهو آئين ۾ شامل ڪرڻ ڏيو، پوءِ تحريڪ انصاف اهڙي فيصلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪندي.

هن چيو ته پنجاب ۾ سول سروسز گروپ بغاوت ڪئي آهي، اقتدار ۾ اچي باغي بيورو ڪريسي خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته عدليا ۽ انهن جي فيصلن سان گڏ آهيون، عدليا شهيد بينظير ڀٽو کي برطرف ڪري ته صحيح آهي پر چورن جي چوري پڪڙي ته اهو غلط ڪيئن ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته حڪومت ٽيڪسن جي گهاڻي پيڙجهندڙ عوام لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري پريشاني وڌائي ڇڏي آهي،

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جنهن حڪومت جو عرصو 90 ڏينهن رهجي وڃي اها پاليسيون نٿي بڻائي سگهي.

بابر اعواڻ چيو ته سرڪاري اسپتالن کي خانگائڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*