قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊڪپ جي اهم ميڄ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اهم ميچ ۾ قومي ٽيم هڪ دلچسپ۽سخت مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا جي مضبوط ٽيم کي ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت 29رنز تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي 29 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان ايب ڊي ويليئرز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

اڄ جي ميچ ۾ قومي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون،جنهن ۾ ناصر جمشيد جي جاءِ تي سرفراز احمد کي ،جڏهن ته حارث سهيل جي جاءِ يونس خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.

برسات سبب ٻه ڀيرا ميچ کي روڪيو ويو،جنهن سبب ميچ کي 47 اوورس تائين محدود ڪيو ويو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم 46 ڏهائي 4 اوورس ۾ 222رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

قومي ٽيم جي ڪتپان مصباح الحق 56رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو،جڏهن ته سرفراز احمد 49، يونس خان 37، ۽ شاهد آفريدي 22رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران ڊيل اسٽين 30رنز ڏئي 3،جڏهن ته ڪائل ايبٽ ۽مورني مورڪل ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 232رنز جو ٽارگيٽ مليو ،جنهن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم ناڪام رهي ۽پوري ٽيم 33 ڏهائي 3 اوورس ۾ 202رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران ڪپتان ايب ڊي ويليئرز77 رنز جي اننگ ٽاپ اسڪورر رهيو پر هو ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو.

هاشم عاملا 38۽ ڊيو پلاسيز 27رنز جي اننگ کيڏي ٻيو ڪوبه بيٽسمين پاڪستاني فاسٽ بالر جو مقابلو نه ڪري سگهيو.

قومي ٽيم پاران محمد عرفان، وهاب رياض ۽راحت علي 3-3 ،جڏهن ته سهيل خان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

قومي ٽيم پاران ميگا ايونٽ ۾ پهرين ميچ کيڏندڙ سرفراز احمد کي بهترين بيٽنگ ڪندي 49 رنز جي اننگ کيڏڻ سان گڏ وڪيٽن پويان 6 ڪيچز وٺڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد جو چوڻ هو ته هو ٽيم انتضاميه جو ٿورائتو آهي،جن سندس مٿان اعتمادڪيو .

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*